ڪورونا ڪيس وڌيا ته لاڪ ڊائون جي ذميوار پي ڊي ايم هوندي،وزيراعظم

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيسن جو تعداد وڌيو ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ تي مجبور ٿيندا سين  ۽ پي ڊي ايم لاڪ ڊائون جي ذميوار هوندي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي  آهي پشاور ۽ ملتان 200 سيڪڙو ڪراچي 148 سيڪڙو لاهور 114 سيڪڙو ۽ اسلام آباد 65 سيڪڙو ڪورونا وڌي وئي آهي. هن چيو ته دنيا جا اڪثر ملڪن مڪمل لاڪ ڊائون ڪئي آهي ۽ مان لاڪ ڊائون وارو قدم کڻڻ نٿو چاهيان ڇاڪاڻ ته اسان جي معيشت جنهن ۾ مضبوط بحالي جا نشان هن وقت تمام نمايان ۽ واضح آهن سي متاثر ٿيندا.هن چيو ته بدقسمتي سان اپوزيشن اين آر او  حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. اپوزيشن اين آر او حاصل ڪرڻ جي لاء پنهنجن ناڪام ڪوششن ۾ عوام جي زندگين ۽ روزگار کي تباهه ڪري رهي آهي. جلسن ڪرڻ سان هنن کي ڪو به اين آر او نه ملندو.عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ پي ڊي ايم پنهنجي جلسن ڪرڻ جي ڪري ماڻهن جي  جان۽  انهن جي معيشت کي خطرو پهچائي رهي آهي جيڪڏهن ڪيسن جي شرح  وڌي ته اسان  لاڪ ڊائون ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين ۽ ان جي زميوار  پي ڊي ايم هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو