اپوزيشن وارا عوام جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن، خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم پشاور ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ بضد هئڻ واري پي ڊي ايم جي اعلان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم وارا غير ذميواراڻي سياست ڪري عوام جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن. هن پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته سخت لاڪ ڊائون جا خواهشمند پي ڊي ايم وارا غير ذميواراڻي سياست ڪري رهيا آهن، پي ڊي ايم وارا عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي جلسا ڪري رهيا آهن، اهڙي وقت جلسا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ڪورونا جا ڪيس ڊرامائي انداز ۾ وڌي رهيا آهن، پي ڊي ايم وارا پهرين لاڪ ڊائون جي معاملي تي مون مٿان تنقيد ڪندا هئا ۽ هاڻي جلسا پيا ڪن ته ڪجهه نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو