ٻلي جي ميائون ميائون ترجمو ڪرڻ واري ايپ تيار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ٻليون دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ گهريلو پالتو جانور سمجهيون وڃن ٿيون ۽ ٻليون ان جي مالڪ کي ڪجهه سمجهائڻ لاءِ ميائون ميائون ڪنديون آهن. ٻلي جي ميائون ميائون کي سمجهڻ لاءِ اڳوڻي ايمازون انجنيئر هڪ ايپ ٺاهي آهي  جيڪا ٻلي جي آوازن جو ترجمو ڪري ٿي.هن ايپ جو نالو ميوٽاڪ آهي جڏهن ته ايپ  ٺاهڻ واري انجنيئر جو چوڻ آهي ته اها اڃا تائين جاچ جي مرحلن ۾ آهي جيڪا پالتو ٻلي ۽ ان جي مالڪ لاءِ  ڏاڍي مددگار ثابت ٿيندي. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته جڏهن ٻلي ميائون ميائون ڪندي آهي ته ان جا 9 مختلف ارادا هوندا آهن ۽ اهو مختلف طريقن سان ميائون  ڪندي آهي انهن ارادن جي اظهار لاءِ. ان 9 ارادن ۾مان بکي آهيان مان تڪليف ۾ آهيان.ان ايپ کي ايپل ۽ اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙ هن ايپ کي پلي اسٽور تان ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا ۽ ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ کانپوءِ مالڪ کي ايپ ذريعي ٻلي جي آواز کي رڪارڊ ڪرڻو آهي ۽ پوءِ اها ايپ ٻلي جي آواز جو ترجمو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو