ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف محبت سنڌ ريلي شروع

ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف محبت سنڌ ريلي شروع

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ)قومي عوامي تحريڪ طرفان ٻيٽن تي وفاق جي قبضن خلاف محبت سنڌ ريلي ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي لاءِ رواني ٿي وئي. اياز  لطيفپليجو جي سربراهي ۾ ريلي دوران ڪارڪنن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته هي ريلي ڪراچي ڪميٽي جي قيام، سنڌ ٽوڙڻ جي اعلانن، ڪرپشن کي روڪڻ ، پاڻي کوٽ ۽ زرعي تباهي خلاف آهي. مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ گرلز ھاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين محبت سنڌ بيداري مارچ ڪيو ويو. مارچ ۾ عورتن سميت سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي ـ مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن زوردار نعري بازي پڻ ڪئي ـ انهيَ موقعي تي اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا ٻيٽ تاريخي طور تي سنڌ جي ملڪيت آهن سنڌ جي ٻيٽن جو حق سنڌ جي عوام جو آهي تنهنڪري ڌرتي جا ڌڻي پنهنجي حقن تي ڪنهن به صورت ۾ ڌاڙو ھڻڻ نه ڏيندا. وفاق پنهنجي مفادن خاطر سنڌ حڪومت سان ڳٽ جوڙ ڪري سنڌ جو سودو ڪرڻ چاهي ٿي ٻيٽن تي قبضن ڪرڻ واري سازش ۾ پ پ وارا برابر جا شريڪ آهن. جنهن کي سنڌ جي عوام چڱي ريت ڄاڻي پئي .اياز لطيف پليجو جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ لاء غير قانوني آرڊيننس  جاري ڪيو ويو آهي ـ جنهن آرڊيننس کي فوري طور واپس ورتو وڃي ڇاڪاڻ ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ اسين پنهنجي قدرتي وسيلن ۽ ٻيٽن کي ڪنهن به ريت ڌارين حوالي ڪرڻ نه ڏينداسين  ۽ ٻيٽن جي حفاظت لاء سنڌ جوڌا جانين جو قربانيون  ڏيڻ لاء نه ڪيٻائيندا ھن چيو ته ملڪ ۾ مھانگائي  ۽ ڪرپشن گھٽجڻ بدران عروج تي پھچي چڪي آهي جنهن عوام جي چيلهه اڃان وڌيڪ چٻي ڪري ڇڏي آهي ـ ھن موقعي تي مظهر راھوجو. ارصلاح بھلڪاڻي . ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي. سجاد بروھي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ)قومي عوامي تحريڪ طرفان ٻيٽن تي وفاق جي قبضن خلاف محبت سنڌ ريلي ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي لاءِ رواني ٿي وئي. اياز  لطيفپليجو جي سربراهي ۾ ريلي دوران ڪارڪنن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته هي ريلي ڪراچي ڪميٽي جي قيام، سنڌ ٽوڙڻ جي اعلانن، ڪرپشن کي روڪڻ ، پاڻي کوٽ ۽ زرعي تباهي خلاف آهي. مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ گرلز ھاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين محبت سنڌ بيداري مارچ ڪيو ويو. مارچ ۾ عورتن سميت سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي ـ مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن زوردار نعري بازي پڻ ڪئي ـ انهيَ موقعي تي اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا ٻيٽ تاريخي طور تي سنڌ جي ملڪيت آهن سنڌ جي ٻيٽن جو حق سنڌ جي عوام جو آهي تنهنڪري ڌرتي جا ڌڻي پنهنجي حقن تي ڪنهن به صورت ۾ ڌاڙو ھڻڻ نه ڏيندا. وفاق پنهنجي مفادن خاطر سنڌ حڪومت سان ڳٽ جوڙ ڪري سنڌ جو سودو ڪرڻ چاهي ٿي ٻيٽن تي قبضن ڪرڻ واري سازش ۾ پ پ وارا برابر جا شريڪ آهن. جنهن کي سنڌ جي عوام چڱي ريت ڄاڻي پئي .اياز لطيف پليجو جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ لاء غير قانوني آرڊيننس  جاري ڪيو ويو آهي ـ جنهن آرڊيننس کي فوري طور واپس ورتو وڃي ڇاڪاڻ ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ اسين پنهنجي قدرتي وسيلن ۽ ٻيٽن کي ڪنهن به ريت ڌارين حوالي ڪرڻ نه ڏينداسين  ۽ ٻيٽن جي حفاظت لاء سنڌ جوڌا جانين جو قربانيون  ڏيڻ لاء نه ڪيٻائيندا ھن چيو ته ملڪ ۾ مھانگائي  ۽ ڪرپشن گھٽجڻ بدران عروج تي پھچي چڪي آهي جنهن عوام جي چيلهه اڃان وڌيڪ چٻي ڪري ڇڏي آهي ـ ھن موقعي تي مظهر راھوجو. ارصلاح بھلڪاڻي . ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي. سجاد بروھي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو