برطانيا ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر، هڪ مهينو لاڪ ڊائون

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ڪورونا جي ٻي لهر سبب وڏي جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪندي هڪ مهيني تائين ڊگهي لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي. بي بي سي موجب برطانوي وزيراعظم ملڪ ۾ خميس کان چئن هفتن لاءِ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته شهري رڳو ضروري ڪم سان گهرن کان ٻاهر نڪري سگهندا، سماجي وٿي تي به مڪمل طور عمل ڪرايو ويندو. برطانوي وزيراعظم چيو ته ريسٽورنٽس، بارز ۽ غير ضروري شين جا دڪان ٻه ڊسمبر تائين بند رهندا، جڏهن ته لاڪ ڊائون دوران سپر مارڪيٽس، اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيون کليل رهنديون. بورس جانسن چيوته ڪورونا جي ٻي لهر سبب برطانيا ۾ وڏي جاني نقصان جو خدشو آهي، جنهن سبب هنن لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي.واضح رهي ته ڪورونا سبب برطانيا ۾ 46 هزار 500 کان وڌيڪ فوتگيون ٿي چڪيون آهن ۽ 10 لک کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو