اپوزيشن جو قومي اسمبلي ۾ هنگامو، نو نو ۽ گو گو جا نعرا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن جو هنگامون، پي پي، ايم اين اي ۽ ڊپٽي اسپيڪر وچ ۾ گرماگرمي، آغا رفيع الله کي سارجنٽ ايٽ آرمز ذريعي ايوان مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ته اپوزيشن وارن سارجنٽ ايٽ آرمز کي روڪي ورتو پنهنجون سيٽون ڇڏي اسپيڪر جي روسٽرم آڏو گڏ ٿيڻ لڳا، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته آغا رفيع تي پوري سيشن ۾ اچڻ تي بندش لاڳو آهي، راجه پرويز اشرف پاران معذرت ڪرڻ بعد ڊپٽي اسپيڪر چيو ته هو ايوان مان ٻاهر وڃي پوءِ ڀلي موتي اچي، اپوزيشن وارن شور ڪيو ۽ نو نو ۽ گو گو جا نعرا هنيا. وفاقي وزير شيري مزراي سارجنٽ ايٽ آرمز کي چيو ته اوهان هنکي ٻاهر ڪڍو، آغا رفيع منهنجي سوال جو جواب ڏيو چوندي رڙيون ڪندو رهيو. جنهن بعد هو ٻاهر هليو ويو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته هي ايوان جو ماحول خراب ٿو ڪري. ان دوران حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ رابطو ٿيو ۽ ڪجهه دير بعد پارليماني معاملن واري وزير آغا رفيع بابت ڏنل رولنگ واپس وٺڻ لاءِ رولز معطل ڪري ٺهراءُ پيس ڪيو جيڪو منظور ٿيڻ بعد پوري شيشن مان ڪڍڻ واري رولنگ واپس ورتي وئي. جنهن بعد آغا رفيع واپس ايوان ۾ آيو ته اپوزيشن وران ڊيسڪ وڄائي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو