ڏور ٿيندا وڃن روز ڏوٿيئڙا، سُگهڙ عزت خان فوت

سڪرنڊ (ن سنڌيار ) سگهڙائپ ، ڏور ، بيت ، سنڌي فن ۽ ثقافت ذريعي ملڪ ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪندڙ هر دل عزيز شخصيت چاچو عزت خان چانڊيو ڊگهي علالت بعد لڳ ڀڳ 80 ورهين جي ڄمار ۾ ڳوٺ راهو رتول ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو کيس سندس ئي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ان کان اڳ مرحوم جي جنازي نماز ۾ سگهڙن ، شاعرن ، علائقي جي معتبر شخصيتن سميت سياسي ، سماجي ۽ صحافتي شخصيت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحوم جي وفات تي ڳوٺ ۽ ادبي حلقي ۾ ڏک جي لهر ڇانيل رهي سندس وڇوڙي تي نالي واري اديب ۽ مرحوم عزت خان جي ويجهي عزيز خادم حسين چانڊيو ٻڌايو ته سنڌ جي نالي واري سگهڙ عزت خان چانڊيو جو وڇوڙو اسان لاء ناقابل تلافي نقصان آھي سندس انتقال بعد اسانجي خاندان جي هڪ اهڙي باب جي پڄاڻي ٿي جنهن جي هر ورق تي پيار ، محبت ، پنهنجائپ ، سگهڙائپ ،ثقافت، ڏاهپ جا انيڪ داستان رقم ٿيل هئا هوڏانهن مرحوم جي فرزندن روشن علي چانڊيو ۽ الله ڏنو چانڊيو سان ڏک ونڊڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ڏک ونڊيندڙن ۾ نورڀاحمد لاکو ، قاضي جاويد سنائي ، رضا محمد سيال ، منظور سيال ، غلام حيدر سولنگي ، حاجي الله بخش لاکو ، عطا محمد سيال ، نعيم انصاري ، قادر بخش رند ، راجڪمار اوڏ سميت ٻيا به شامل هئا. ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا تون اڃا پيو جيئن هاءِ ڙي جيئڙا.

پهنجو تبصرو موڪليو