صحافين جا مسئلا ۽ حڪومت جي ذميواري، عبيدالله ڇڄڻ

حق سچ ۽ باطل وچ ۾ اختلاف اڄ نه پر جڏهن کان هي دنيا جهان جڙيو هو، تڏهن کان اها جنگ شروع ٿي آهي، جيڪا اڄ سوڌو جاري آهي ۽ هر باضمير ماڻهو ڄاڻي ٿو ته فتح هميشه حق ۽ سچ جي ٿي آهي، ڇوته باطل پنهنجي ناپاڪ ارادن، سوچڻ ۽ ڪڌن عملن ۾ عارضي طور ڪامياب به ٿيو هجي پر وقت ۽ حالتن مطابق نيٺ باطل کي ناڪامي ئي نصيب ٿيڻي آهي، آئون هڪڙي ڳالهه هميشه ڪندو رهندو آهيان ته حق ۽ سچ جي ڳالهه ضرور شيئر ڪجي، ڀل ڪنهن کي ماکي جيان مٺي لڳي يا ڪنهن جي دلين تي بار ڪري بيهجي وڃي، قلم جو پورهيو ڪندڙ صحافي دوست جيڪي پوري ملڪ ۾ حق ۽ سچ جي راهه تي هلي مظلومن جو سگهارو آواز بڻجي پنهنجا فرائض نڀائين ٿا، انهن جي اصل ملڪيت سندن شايع ٿيندڙ خبر ئي هوندي آهي، آئون گذريل 12 سالن تائين صحافت جون ذميواريون نڀائي چڪو آهيان پر وقت ۽ حالتن مون کي انهن راهن تان هٽائڻ لاءِ مجبور ڪيو جو آئون صحافتي پليٽ فارم تان ڌار ٿيس پر پوري دعويٰ سان چوان ٿو ته صحافت سان منهنجو لڳاءُ اڄ به گذريل 12 سالن واري دور کان وڌيڪ اٿم.

اڄڪالهه روزانو پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ يا سوشل ميڊيا اندر انهن فرض شناس صحافين خلاف طرح طرح جا چئليجز سامهون درپيش آهن، ڪراچي کان وٺي پوري سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ مختلف اخبارن، ٽي وي چئنلن تي ڪم ڪندڙ صحافين خلاف مختلف سازشن تحت سندن آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪڌا عمل ڪيا پيا وڃن، جنهن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر قلم ڌڻي انهن چئلنجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سراپا احتجاج آهن، گهوٽڪي ضلعي جي عادلپور شهر مان خبر شايع ٿي آهي ته مقامي صحافي پاران بجلي چورن جون خبرون توڙي ملندڙ رشوت کي وائکو ڪرڻ جي خبرن کانپوءِ اتان جو لائين مين (سيپڪو) انهي قلم ڌڻي کي حراس ڪرڻ لاءِ هن جي گهر وڃي پهتو ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون، هي آهي سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قلم ڌڻين سان پيش ايندڙ ڪڌن عملن جي صورتحال، جنهن ڪري يقينن اڄ سڄي سنڌ جي صحافين توڙي علمي ۽ ادبي حلقي اندر هڪ بيچيني واري ڪيفيت موجود آهي ته آخر انهي قلمي پورهيو ڪندڙن خلاف اهڙي ناڪام سازش پٺيان ڪهڙا راز آهن جو هر آئي ڏينهن ڪٿان نه ڪٿان صحافين جي اذيتن جون خبرون شايع ٿين ٿيون. حالانڪه حڪومت طرفان بار بار صحافين جي تحفظ بابت خاطريون ڪرايون وينديون آهن پر تنهن باوجود به اڄ سنڌ جا صحافي عتاب وارين گهڙين کي گهاري پنهنجو ذميواريون نڀائي رهيا آهن.

ڪجهه وقت پهريان هڪ صحافي مٿان شڪارپور ضلعي جي لکي غلام شاهه شهر ۾ صبح جي وقت حملو ڪري هن کي ٽنگن ۾ گوليون هڻي شديد زخمي ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس سندس برادري جي ماڻهن مٿان داخل ٿيل هو، حملي دوران جوابدار ته صحافي جميل مهر کي زندگي تان هٿ کڻائي چڪا هئا پر ”جنهن کي رُب رکي، تنهن کي ڪير چکي“ جميل مهر گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي انتهائي افسوسناڪ ڳالهيون ڪيون آهن ته هن خلاف بااثرن پاران گهر کان ٻاهر به نڪرڻ تنگ ٿي چڪو آهي، هن جو چوڻ آهي ته منهنجي ڪيس ۾ گهربل ۽ نامزد جوابدار عبدالفتاح مهر جي جيل اندر فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ علائقي جي بااثرن مون خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ هن جي حياتي کي خطرو آهي، جميل مهر اهڙي ڏکي گهڙي دوران وس وارن کان انصاف جي اپيل ڪري ٿو، ساڳي ريت پريس ڪلب لاڙڪاڻي جو صدر ظفر ابڙو به اتان جي ڏاڍن مڙسن جي دانهن حيدرآباد اچي کڻي پهتو، جنهن جو چوڻ آهي هن خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري هن جي ساک خراب ڪئي پئي وڃي هن هتي اصل حقيقتن کي وائکو ڪندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي جلسي دوران هن صحافين کي نه گهرائڻ کانپوءِ اهڙي جلسي جي ڪوريج نه ڏيڻ تان مون کي نقصان ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ هڪ فرض شناس سينيئر صحافي خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس به داخل ڪيا ويا، جيڪي انڪوائرين کانپوءِ ڪوڙا ثابت ٿيا آهن، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جيڪو ايشيا جي وڏن پريس ڪلبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جتي صحافي برادري جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي، جن مان ظفر ابڙو کي به نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن جون ڪيل خدمتون ڪنهن باضمير کان ڳجهيون ڪونهن، سرڪش سڌايو کي اڄ کان لڳ ڀڳ 23 سال پهريان کان سڃاڻندو آهيان جڏهن هو حيدرآباد ۾ هڪ اخباري اداري اندر ڪم ڪندو هو، پاڻ نهايت هڪ محنتي ايماندار ۽ فرض شناس صحافي دوست طور سڃاتو ويندڙ شخصيت جو مالڪ آهي، اهڙي محنت ڪش صحافي خلاف اڄ اهي ئي بااثر ڌريون سرگرم آهن، پوري سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن اندر صحافين سان پيش ايندڙ واقعن سان گڏوگڏ صوبي جي ٻي وڏي شهر حيدرآباد جو ذڪر ڪجي ته يقينن افسوسناڪ حالتون سامهون اينديون، تازو حيدرآباد جي هڪ نوجوان صحافي مدثر نظر بلوچ کي به هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، فرض شناس صحافي دوست ۽ ان جي مائٽن خلاف هوسڙي ٿاڻي ۾ ناحق ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ هو هن چئلينج کي بهادري سان منهن ڏئي رهيو آهي، ساڳئي ٿاڻي تي اڄ کان ڪجهه مهينا پهريان ڪجهه بااثرن پاران هوسڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي پهچڻ جون خبرون هلائڻ تان هڪ محنتي صحافي مختيار وڪو جي ڀاءُ محمد امين وڪو خلاف به من گهڙت ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا هئا، جيڪي اڳتي هلي ثابت به ڪونه ٿي سگهيا. اهڙي طرح جيڪڏهن ٿورو ماضي جو ذڪر ڪنداسين ته مون سان کلي کيکاريندڙ ساٿي دوست امير بخش بروهي يا ڪنڌ ڪوٽ جو بي باڪ صحافي شاهد سومرو هجي يا وري انهي لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڌرين جي هلندڙ خوني جهيڙي جي فوٽو گرافي ڪندڙ ساٿي هادي سانگي جي دردناڪ شهادت هجي، اهي واقعا دل ۾ ئي سانڍيل آهن ۽ جيڪي سڄي زندگي وسارڻ جهڙا به ڪونه آهن. خير سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”پاڻي پُل هيٺان گذرندو آهي“ مون کي هتي لطيف سائين جو هڪ بيت ياد اچي ٿو ته:

ڀلا نه ڀيلين توڙي ڇڙيا وتن باغ ۾،

ڏسي گلن سنديون ٽارڙيون پنهنجي تن کي تسا ڏين،

سي ڇو نه ڇيڪ چرين، جيڪي وات نه هڻن وڻ ۾.

هن صحافتي سفر ۾ يقينن هلندڙ سال ته ڪجهه صحافين کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو آهي، جيڪي يقينن شهيد آهن، جن ۾ ڳڙهي خيرو توڙي جو محرابپور جا بهادر صحافي دوست شامل آهن. لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ٻي شهر باڊهه تان به اها رپورٽ شايع ٿي آهي ته اتان جي هڪ سينيئر صحافي جي گهر کي به ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن شرپسندن پاران صحافي سليم رضا مشوري جي دڪان کي باهه ڏني وئي ته هن جو گهر به انهي دڪان مٿان هو، جنهن کي شهرين بچائي ورتو ۽ دڪان ۾ پيل سڄو سامان باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو، هتي مجموعي طور ڏسجي ته پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ صحافي وڏي دردن تڪليفن جي گهڙين کي گهاري رهيا آهن، ڪٿي کين موت جي ننڊ سمهاريو پيو وڃي ته ڪٿي وري جميل مهر جيان سڌيون گوليون هڻي زخمي ڪيو پيو وڃي ته ڪٿي وري ڪوريج نه ملڻ تان صحافين خلاف رڻ ٻاريو پيو وڃي، هي سڄي صورتحال اڄ سواليه نشان بڻيل آهي ته آخر قلم ڌڻين سان هيڏي وڏي زيادتي ڇو پئي ڪئي وڃي. گهوٽڪي ضلعو هجي يا ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعو، اُتان جي صحافين کي ته آئون خصوصي خراج تحسين پيش ٿو ڪريان، جيڪي يقينن پنهنجو سر تري تي کڻي مظلومن جو آواز بڻجي رهيا آهن، انهن خلاف بااثر ڀوتارن کان وٺي عملدارن ۽ منشين توڙي جو ڀوتارن جو اولاد جيڪو بيوروڪريٽ جي ڪرسين تي فائز آهي، انهن جي ڌاٻن ۽ ڌڙڪن جو ته ڪو حساب ئي ناهي.

بهرحال، ضرورت ان ڳالهه جي آهي هڪ طرف وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون صحافين سان همدردي جو اظهار خيال ڪن ٿيون ته وري ٻي طرف پوري ملڪ جيان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صحافين جو رستا گهريا ٿا وڃن ته ان ڏکي گهڙي ۾ حڪومت مٿان اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي. advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو