خدا ڪري اپوزيشن جا جلسا خير سان ٿين، شيخ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي جي وفاق وزير شيخ رشيد چيو آهي ته دعا آهي ته ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ اپوزيشن جا جلسا خيريت سان ٿين، تحريڪ طالبان پاڪستان ڀارت جي پئسي سان ٻيهر منظم ٿي وئي آهي ۽ ڪجهه ماڻهو دهشتگردي لاءِ پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪا آهن. اهڙو اظهار هن لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سياست ۾ ڳالهين ۽ مشاورت جا در بند ناهن ڪيا ويندا، جيڪي سمجهن ٿا ته جلسن سان حڪومت ويندي ته اُنهن جي ڀُل آهي، حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي، پي پي پي اهڙا فيصلا قبول نه ڪندي، جنهن سان جمهوريت کي خطرو هجي، اهوئي سبب آهي ته نواز شريف جو بيانيو پي ڊي ايم جو بيانيو ناهي رهيو. هن چيو ته 31 ڊسمبر کان 20 جنوري تائين ٻهارو اچي ويندو، ملڪي سياست ۾ ڀڃ ڊاهه به ٿي سگهي ٿي، حڪومت جو موقف آهي ته نواز شريف کي ڏيهه واپس آندو وڃي، نواز شريف ڏيهه واپس ڪيئن ايندو، اُهو وقت ئي ٻڌائيندو، ڪراچي واقعي کانپوءِ بلاول ڀٽو سان رابطو ڪري آرمي چيف سٺو ڪم ڪيو، فوج پ پ، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ سميت سڀني جي آهي، ادارن سان ٽڪراءُ سياست کي تباهه ڪري ڇڏيندو، پاڪستان ۾ جمهوريت جو نشانو ادارا آهن، جيڪو نه هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو