اغوا وارداتون وڌيو آهن، ڪرائيم تي ڪنٽرول آهي، مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس دوران ڪور ڪمانڊر ڪراچي، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين جي شرڪت، وڏي وزير خيرپور ۽ لاڙڪاڻو جي ڪچي ۾ آپريشن دوران 6 ڌاڙيلن کي مارڻ تي پوليس جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته پوليس 22 آڪٽوبر تي اثرائتي نموني آپريشن ڪيو، اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته خيرپور ۽ لاڙڪاڻو پوليس گڏيل طور ڪچي ۾ آپريشن ڪيو، مارجي ويل اقبال ۽ پٺاڻ ناريجو مٿان 20-20 لک رُپيا انعام رکيل هو، ڌاڙيلن وٽان ائنٽي ايئرڪرافٽ گن، 2 جي ٿري رائيفلز، هڪ ايس ايم جي، هڪ راڪيٽ لانچر ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا، اجلاس دوران وڏي وزير طرفان عيد ميلاد النبي تي جلسن ۽ محفلن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته 30 آڪٽپبر تي صوبي ۾ عام موڪل هوندي. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته سنڌ ۾ هلندڙ سال اغوا جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي سنڌ چيو ته سال 2019 ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا جا 61 ڪيس رپورٽ ٿيا، 2020ع دوران اغوا جا 159 واقعا پيش آيا، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اغوا جي واقعن ۾ اضافو ٿيو ۽ ماڻهن کي عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪيو ويو، آءِ جي طرفان اغوا جا سمورا ڪيس حل ڪرڻ جي به دعويٰ، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 2019ع دوران دهشتگردي جو ڪوبه واقعو پيش نه آيو، هلندڙ سال دهشتگردي جو رڳو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڪرائيم ريٽ بهتر ٿيو آهي، 2014 ۾ ورلڊ ڪرائيم انڊيڪس ۾ ڪراچي 6هين نمبر تي هو هاڻي103 نمبر تي آهي، هن ٻڌايو ته نئين دهلي انڊيڪس ۾ 71هين نمبر تي آهي. وڏي وزير چيو ته هڪ اهڙي موبائيل ايپ تيار ڪريو جيئن شهري موبائيل فون، ڪيش ۽ موٽر سائيڪل ڦرجڻ جي فوري شڪايت ڪري سگهن ۽ فوري ڪاروائي ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ تي ڪم تيز ڪيو وڃي، فنانشل پروپوزل هفتي ۾ جمع ڪرايو، هن منصوبي هيٺ 10 هزار هاءِ ريزوليشن سي سي ٽي وي ڪيمرائوم لڳايون وينديون. اسين 10 ارب روپيا مختص ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو