دوستي کان انڪار، تيزاب هارڻ جي ڪوشش، جوابدار گرفتار

گهوٽڪي (ن سنڌيار)دوستي رکڻ کان انڪار ڪرڻ تي پنجاب جي فنڪاره مٿان مبينا طور تيزاب حملو، فنڪارا علي شاهه پناهه لاءِ سٽي ٿاڻي تي پهچي وئي، پوليس فنڪاره جي فريادي تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدار امان الله ڪلوڙ کي گرفتار ڪري ورتو، فنڪاره جو چوڻ آهي ته جوابدار دوستي رکڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندو هو، انڪار تي تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر معجزاڻي نموني بچي ويس، فنڪاره پنجاب ۽ سنڌ حڪومت کان تحفظ مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو