آءِ جي سنڌ اغوا، صفدر جي گرفتاري شرمناڪ آهي، مولانا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪيپٽن صفدر کي رينجرز ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو آهي، ان موقعي تي مريم نواز به ڪمري ۾ موجود هئي، هي ڪهڙو طريقو آهي؟ اهڙو اظهار مولانا فضل الرحمان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو جنهن ۾  مريم نواز، راجا پرويز اشرف، ناصر شاهه، سردار اختر مينگل به موجود هئا. مولانا چيو ته سنڌ حڪومت جو موقف اچي ويو آهي هنن گرفتاري جي اجازت ناهي ڏني، آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪيو ويو 4 ڪلاڪ حراست ۾ رکي آرڊر ورتو ويو، هن چيو ته هي جبر جي حڪومت آهي، هي بدمعاشي آهي. اسين قانون موجب پرامن طريقي سان احتجاج ڪريون پيا تحريڪ هلي چڪي آهي، هن چيو ته اڃان ته ٻه جلسا ڪيا آهن ته هنن چيونٽن جا پر نڪري آيا آهن. وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ غلط فهمي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اسان سڄي معاملي کي سمجهون ٿا. پيپلز پارٽي جا ساٿي گڏ آهن اسين حڪومت جي سازش کي ناڪام بڻايو آهي. مولانا چيو ته پي ٽي آءِ وارن مسجد نبوي ۽ مسجد حرام ۾ نواز شريف خلاف نعرا هنيا ويا، اها توهين نه هئي. هن چيو ته قتل جي ڌمڪي ڪنهن کي ڏني آهي، مدعي ڪير آهي اهو به ٻڌائينداسين. هن چيو ته مريم پيپلزپارٽي جي مهمان آهي، هي سڄي پي ڊي ايم تي حملو آهي. ڪيپٽن صفدر کي فوري طور آزاد ڪريو ۽ حڪومت معافي وٺي. ان موقعي تي راجا پرويز اشرف چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت هن واقعي تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي هي شرمناڪ حرڪت آهي.  ڪنهن به معاشري ۾ اهڙن واقعن جي اجازت نٿو ڏئي. هن چيو ته اهو حڪومت جي وائڙائپ جو ثبوت آهي. مريم اسانجي ڀيڻ ۽ مهمان آهي ۽ سنڌ جي روايت آهي ته مهمان جي حفاظت لاءِ ڪنهن حد تائين وڃي سگهون ٿا، بلاول جاچ جو حڪم ڏنو آهي ۽ جلد حقيقت سامهون ايندي. مريم نواز سڀني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻڌايو ته سوا ڇهين وڳي زور سان دروازو ٺوڪڻ شروع ٿيو، صفدر دروازو کوليو ته پوليس بيٺي هئي، هنن چيو ته توکي گرفتار ڪنداسين، هن چيو ته مان ڪپڙا مٽائي اچان ٿو پر هنن دروازو ٽوڙي اندر آيا ۽ گرفتار ڪري کڻي ويا. مان بلاول جي شڪر گذار آهيان بلاول جي جنهن فون ڪري چيو ته اسانجي ڀيڻ ۽ مهمان چيو ته هو شرمنده آهي، وڏي وزير مراد شاهه به فون ڪري اهڙي ڳالهه چئي. مونکي هڪ لمحي لاءِ به احساس نه ٿيو ته هي صوبائي حڪومت جي ڪاروائي آهي. اسان کي خبر آهي ته اهڙا واقعا ٿيندا اسين تيار آهيون. عمران خان جي دوري وقت ٿيل هلڙ بازي جائز هئي، اسان ته قائد جي ڳالهه ڪئي، مادر ملت زنده باد سان ڪنهن کي اعتراض آهي. جن فاطما جناح کان نواز شريف تائين سڀني کي غدار ڊڪليئر ڪيو هي اهي ئي آهن، هي جيڪي نامعلوم ماڻهو آهن انهن جي سڀني کي خبر آهي. نواز شريف جيڪي سوال پڇيا ان جو جواب غداري جي ڪيسن سان ڏيندا؟ هن چيو ته وقار احمد خان مدعي آهي جيڪو دحشتگردي ڪيس ۾ مفرور آهي. غداري ۽ قتل جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ سڀ مدعي مفرور ڇو هوندا آهن. هن ٻڌايو ته وڏي ليول کان ڪيپٽن صفدر کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن. اسين ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون.هڪ سوال تي هن چيو ته آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪري هن کان فون کسيا ويا هئا. صحافي پڇو ته مولانا چوي ٿو رينجرز پڪڙيو، مريم چوي ٿي پوليس گرفتار ڪيو ته مريم چيو ته آءِ جي کي چيو ويو ته آرڊر تي صحيح ڪريو گرفتاري رينجرز ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو