صفدر جي گرفتاري بعد ضمانت منظورمريم پاران تصديق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر کي پوليس سٽي ڪورٽ ۾ پيش ڪري سندس جسماني رمانڊ گهريو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي وڪيلن ضمانت جي درخواست داخل ڪئي. عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. مريم نواز پريس ڪانفرنس م ٻڌايو ته صفدر جي ضمانت ٿي وئي آهي اسين ٻئي گڏجي واپس لاهور وينداسين. فائيو اسٽار هوٽل مان گرفتار ڪري ورتو. مريم نواز جو چوڻ آهي ته اسين سمهيا پيا هئاسين ته هوٽل جي ڪمري جو دروازرو ٽوڙي منهنجي مڙس کي گرفتار ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سندس اجازت کانسواءِ ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اها صوبائي ماعملن ۾ مداخلت آهي، هن اهم وزيرن جو غُر لاءِ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو جنهن ۾ پي پي قيادت ويڊيو لنڪ تي شريڪ آهي. سنڌ حڪومت پنهنجو موقف جلد پڌرو ڪندي.

ان ڏس ۾ وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڪمري جو ٽٽل لاڪ صاف نظر اچي رهيو آهي پر ان باوجود به وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته هوٽل جو دروازو ناهي ٽوڙيو ويو. مسلم ليگي اڳواڻ محمد زبير جو چوڻ آهي ته مون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جو ان سان ڪو واسطو ناهي رياست جي حڪم تي گرفتاري ٿي آهي. محمد زبير چيو ته پي ڊي ايم ۾ ڏار وجهڻ ۽ غلط فهميون پيدا ڪرڻ لاءِ گرفتاري ڪئي وئي آهي. ڪيپٽن صفدر گذريل ڏينهن مريم نواز جي قائد اعظم جي مزار تي حاضري دوران نعرا هڻايا هئا ته مادر ملت زنده باد، جنهن بعد برگيڊ ٿاڻي تي هڪ شهري مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني ته هن مزار قائد جي بيحرمتي ڪئي آهي. صحافي حامد مير ٽوئيٽ ڪئي آهي ته محمد زبير کي سنڌ حڪومت ٻڌايو آهي ته فجر جو 4 وڳي سنڌ جي آءِ جي پوليس کي رينجرز وارا اغوا ڪري سيڪٽر ڪمانڊر جي آفيس وٺي آيا جتي ايڊيشنل آءِ جي اڳ م ئي موجود هو جنهن کان زبردستي ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري جو حڪم جاري ڪرائي هوٽل تي ڇاپو هڻي صفدر کي گرفتار ڪيو ويو.

ٻن پوليس موبائيلن ۾ جڏهن کيس گرفتار ڪيو ويو ته هن نعرا هنيا ته ووٽ کي عزت ڏيو، مادر ملت زنده باد ۽ پوليس موبائيل ۾ اڳيان ويهي رهيو. هواڏانهن محمد زبير جيڪو مريم نواز جو ترجمان به آهي تنهن پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته هي رياستي دهشتگردي آهي، اسين ڪجهه دير ۾ تفصيل جاري ڪنداسين، پوليس اسٽنگ آپريشن ڪيو آهي، گرفتار ڪرڻو هو ته ٻڌائين ها ڪمري جو دروازو ٽوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟

پهنجو تبصرو موڪليو