ڪراچي ويندڙ پي پي جيالن جي ويگن کي باهه

خيرپور ناٿن شاهه (برڪت علي چانڊيو )انڊس هاءِ وي تي لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالن جي  وين کي شارٽ سرڪٽ سبب   باهه لڳي وئي جيڪا مڪمل طور  سڙي رک ٿي وئي. جڏھن ته فائر برگيڊ عملو وقت سر پهچي باهه کي  وسائي قابو ۾ آندو. ڪي اين شاه پوليس ۽ موٽر وي پوليس پڻ جا۽ حادثي تي پهچي وئي.. ٻي طرف خبر پئي ته لاڙڪاڻي کان پ پ جو قافلو ڪراچي وڃي رهيو هيو ته خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان واقعو پيش آيو. ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع نه مليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو