ليمپ پاران ٻوڏ متاثرن ۾ مفت راشن تقسيم

سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي)سماجي اداري ليمپ پاڪستان پاران سانگھڙ جي سئو ٻوڏ متاثر بي گھر  خاندانن ۾  ھڪ مھيني جو راشن ورھايو ويو ان موقعي تي ليمپ پاڪستان جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ممتاز بشير ڀٽي چيو ضلعو سانگھڙ برساتن ۾ شديد متاثر ٿيو آھي ڪيترائي گھر ڊھي پٽ ٿي چڪا آھن جڏھن ته  فصلن کي به سخت نقصان پھتو آھي ۽ ڪيترائي جانور مري ويا آھن جنھن جي ڪري  ليمپ پاڪستان شديد برساتن ۾ متاثر ٿيل ھڪ سئو خاندانن ۾ ھڪ مھيني جو راشن ورھايو آھي جڏھن ته اسان جي اداري ھر ڏکئي وقت ۾ ماڻھن جي مدد جاري رکي آھي اسان ڪرونا وائرس سميت مختلف آفتن۾ عوام جي خدمت ڪئي آھي جيڪا اڳتي به جاري رھندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو