نواز فوج کي ورهائڻ چاهي ٿو، نون ليگ تي پابندي جو اشارو، وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گجرانوالا جلسي ۾ دشمن جي زبان استعمال ڪئي وئي، بلاول ڀٽو کان اهڙي تقرير جي توقع نه هئي، اسلام آباد ۾ وفاقي وزير شبلي فراز ۽ فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گجرانواله جلسي ۾ دشمن جي زبان استعمال ڪئي وئي، بلاول ڀٽو کان اهڙي تقرير جي توقع نه هئي، اوهان دشمن جي زبان استعمال ڪري رهيا آهيو، اپوزيشن جلسي ۾ڀارتي ايجنڊا تحت زبان استعمال ڪئي، اپوزيشن کي ناڪام جلسي مان سبق سکڻ گهرجي. گجرانواله جي عوام ڪالهه اپوزيشن کي رد ڪري ڇڏيو، فواد چوڌري چيو ته مولانا فضل الرحمان خالي ڪرسين کي خطاب ڪيو، پاڪستان جي ادارن تي تنقيد ڀارتي ايجنڊا آهي، ادارن ۾ ٽڪراءُ دشمن جي ايجنڊا آهي، مان نواز شريف جي ٻاهر وڃڻ جي خلاف هئس، نواز شريف کي لنڊن مان وطن واپس آندو ويندو. ٻئي پاسي ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) دشمن جي زبان ڳالهائي ٿي ۽ اهوئي انداز رهيو ته مسلم ليگ (ن) تي پابندي لڳندي ۽ نواز شريف جي حالت الطاف حسين واري ٿيندي. هن چيوته الطاف حسين کي انڊيا ۾ ايتري ڪوريج ناهي ملي جيتري نواز شريف کي ملي آهي. شيخ رشيد چيو ته لنڊن مان نواز شريف جو سياسي جنازو پاڪستان ايندو. فواد چوڌري چيو ته نواز شريف فوج کي ورهائڻ چاهي ٿو، هو جوانن کي سيلوٽ ۽ جنرلز خلاف ڳالهائي ٿو. اهو ڪم انڊيا جي ايجنڊا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو