ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 16 آڪٽوبر کان فلور ملز کي ڪڻڪ رليز ڪرڻ جي منظوري ڏيندي ڳوڻي سميت هڪ بيگ جي قيمت3687.5 روپيا مقرر ڪري ڇڏي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهڙي منظور ڏني وئي. ميڊيا ڪنسلٽنٽ رشيد چنا پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري ڪڻڪ جاري ٿيڻ بعد اٽو 47.87 روپيا في ڪلو ٿي ويندو جيڪو هن وقت 57 روپيا في ڪلو وڪامي رهيو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي هن فيصلي سبب ايڪس مل پرائيس 9.13 روپيا في ڪلو قيمت گهٽ ٿي ويندي. وڏي وزير مهانگائي تي ڪنٽرول جي هدايت به ڪئي آهي. ڪابيان ۾ ڪوئلي تي ڍهندڙ بجلي تي انفرااسٽرڪچر سيس کان آجو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اها ڇوٽ 30 سال تائين برقرار رهندي. ڪابينا آءِ بي آي سکي جي قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏيندي ٻڌايو آهي ته ان سان هن اداري کي ملڪ جي ٻين يونيورسٽيز برابر درجو ملندو، اها ترميم جلد اسمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. سنڌ ڪابيان پيٽروليم ۽ آئل جي ٽرانسپورٽيشن تي سيلز ٽيڪس جي سرح 13 سيڪڙو مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ جي به منظوري ڏني.ٻيا صوبا اڳ م ئي 15 سيڪڙو وصول ڪر رهيا آهن. ڪابيا کي ٻڌايو ويو ته هن م واڌ سان صارفين تي ڪو اثر نه پوندو. ڪابيان سنڌ مداربه جي چيف ايگزيڪيٽو طور عبدالرئوف چانديو کي 3 سالن لاءِ جي مقرري جي منظوري به ڏني.










