پنجاب مان آيل عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، ڪاروائي ڪريو

پنجاب مان آيل عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، ڪاروائي ڪريو

اوٻاوڙو (غلام علي رند)چوڪماڙي جي علائقي ۾ پنجاب مان آيل عطائي ڊاڪٽرن جو آزار وڌي ويو آهي، حڪومت ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. موٽر سائيڪلن تي ڳوٺ ڳوٺ وڃي اعلان ڪري غريب ماڻهن کي لٽي رهيا آهن. عطائي ڊاڪٽر هڪ ئي سرنج 3 کان 4 مريضن ۾ استعمال ڪرڻ لڳا پنجاب کان بغير سرٽيفڪيٽ سنڌ ۾ آيل ڊاڪٽرن جو سڄو ڏينهن موٽر سائيڪل تي گهمندا رهن ٿا جيڪي علائقي واسين لاءِ موت جو راڪاس بڻيل آھن. ساڳيا ڊاڪٽر ماڻهن کي چوپائي مال کي سيون هڻي رهيا آهن. شهرين سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو