ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبائي گادي واري شهر ۾ هڪ مهيني لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم، ڊاڪٽر محمد عثمان جي صحيح سان جاري ڪيل خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي شهر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي دستي بمن سان حملن، اسٽريٽ ڪرائيم۽ ٽارگٽ ڪلنگ جي واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ امن امان جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني تائين ڊبل سواري تي پابندي لاڳو ڪرن جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته گذريل رات عالم دين علامه عادل خان کي نامعلوم ٽن موٽر سائيڪل سوارن گوليون هڻي قتل ڪيو هو.










