اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سمورا بيروزگار سياستدان پاڻ کي قانون کان مٿي سمجهن ٿا، اهي چون ٿا چوري به ڪريون ۽ ڪير ڪارروائي به نه ڪري، جيترا به جلسا ڪريو، آئون بليڪ ميل نه ٿيندس، وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پرويز مشرف دٻاءُ ۾ اچي اپوزيشن کي اين آر او ڏنو ته 10 سالن تائين 2 جماعتون ملڪ کي لٽينديون رهيون، اُن وقت کين معيشت ۽ جمهوريت کي خطرو نظر نه آيو، نواز شريف عدليه جو فيصلو به نٿو مڃي ۽ چوي ٿو مون کي ڇو ڪڍيو؟ پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ ڪارڪنن کي رستن تي اچڻ لاءِ چئي رهيو آهي، عوام ڪنهن جي چوري بچائڻ لاءِ نه پر مقصد لاءِ رستن تي ايندو آهي، نواز شريف ڀارتي ايجنڊا کڻي گهمي رهيو آهي، پاڪ فوج تي آڱر کڻندڙن کان پڇان ٿو ته مون کي فوج مان مسئلو ڇو نه آهي، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته عدالت حڪم ڏنو ته نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته حڪومت ذميوار هوندي، وفاقي ڪابينا کي ڊاڪٽرز ايتريون بيماريون ٻڌايون جو 6 ڪلاڪ تائين پريشان رهياسين ته نواز شريف کي ايتريون بيماريون ٿي سگهن ٿيون، شيرين مزاري جي اکين ۾ به ڳوڙها اچي ويا. هن چيو ته نواز شريف آءِ ايس آءِ کي پنجاب پوليس ٺاهڻ چاهي ٿو جيئن ڪو به سندس سرگرمين جي معلومات نه رکي.










