ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سگهڙ ڪانفرنس

ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سگهڙ ڪانفرنس

مبارڪپور ( رپورٽ محمد عثمان مھر) مبارڪپور ۾ حضرت امام حسين جي چاليهي جي موقعي تي سلات پاران سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪانفرنس منعقد، ڪربلا جي شهيدن کي لڙڪن، سڏڪن، سسڪين ۽ ڪيڏاري جي بيتن سان زبردست ڀيٽا پيش ئي. ڪانفرنس ۾ صوبي بلوچستان سميت سنڌ جي ڏورانهين علائقن جي ڏات ڌڻين ۾ ڏور بيتن جا مقابلا، حسين ۽ حسينيت زنده آباد جون صدائون گونجنديون رهنديون .لوڪ ادب لاء ملڪي سطح تي جاکوڙيندڙ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم ( سلات ) جي ميزباني هيٺ مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ علي اڪبر ڪورار ۾ امام حسين جي چاليهي جي موقعي تي سالياني ڇھين سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾ ڪربلا جي شهيدن جي سرتاج حضرت امام حسين سميت سندس جانثار ساٿين کي لوڪ ادب جي لاتين ذريعي لڙڪن، سڏڪن، سسڪين ۽ شاه لطيف جي سرڪيڏاري جي بيتن سان زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ ڪهي آيل صوبي بلوچستان سميت سنڌ جي ڏورانهين علائقن کان ڪهي آيل ڏات ڌڻين جا پنجتني ۽ واقعاتي ڏور بيتن تي سخت مقابلا پڻ ٿيا، جنهن ۾ ميزبان ڌر جي سگهڙن جي سرواڻي ڪندڙ سلات جي مرڪزي صدر سگهڙ گل حسن گل ملڪ جي ڌر ۽ مهمان ڌر جي اڳواڻي ڪندڙ نامياري سگهڙ عزيز الله مستوئي جي ڌر کي ٻن ڏور بيتن تي مات ڏيئي مقابلو کٽيو جڏهن تہ مهمان ڌر جي سگهڙن رڳو پنهنجا ٽي بيت بيهاريا مقابلي ۾ مجموعي طور 50 ڏور بيت ڏنا ويا، ان موقعي تي ڀلوڙ ڏات ڌڻي استاد گل حسن ملڪ، مولابخش شيدي، عزيز الله مستوئي، ارشاد عرضائي، اقبال عادل مهر، اربيلو منگي،پنهل پياسي ٻرڙو. عبدالقادر ڪيهر، محمد اسماعيل ڪيهر، الله بخش سامت، وزير چاچڙ، محبت فقير، پھلوان ٻرڙو سميت 35 کان وڌيڪ سگهڙن لطيف سائين جي سرڪيڏاري جي بيتن سميت جنگ نامي جا واقعاتي بيت ۽ ڪربلا جا قصيده پيش ڪري خوب داد ماڻيو، ان موقعي تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سلات جي مرڪزي صدر استاد گل حسن گل ملڪ برک سگهڙ ارشاد عرضائي، مولابخش شيدي، عزيز الله مستوئي ۽ ميزبان سگهڙ علي اڪبر ڪورار خطاب ڪندي چيو تہ جڏهن ڪربلا جي شهيدن جو ذڪر ٿيندو آهي، تہ اتي تاغوتي قوت رکندڙ يزيد پليد جي مقابلي ۾ حق جي امام حضرت امام حسين جي نالي پويان حسينيت زنده آباد جون صدائون گونجنديون رهنديون،  ڪانفرنس ۾ مبارڪپور سان وابسته استاد عبدالحق اسلم آزاد مھر به موجود ھو جيڪو لوڪ ادب تي ايم فل ڪري رھيو آ ھي سنڌ جو ھن وقت واحد فرد آ.ان کان علاوه پريس ڪلب مبارڪپور جو صدر مشتاق احمد کوسو سميت صحافي نثار ساگر مھر، مھر قربان، ممتاز ڀٽو، محمد عثمان مھر، وحيد کوسو سميت  علائقي واسين  شھداء ڪربلا کي ڀٽا ڏين  لاء وڏي تعداد شرڪت ڪئي، سگھڙن ڪانفرنس ۾ ٺهراء پاس ڪرائيندي چيو ته ھر ضلعي ۾ سگھڙن لاءِ ڪچھري ھال ٺھرائڻ ۽ بيمار سگهڙن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ، مرحوم سگھڙن جي ٻارن جي تعليم جو بندوبست ڪرڻ،  جا مطالبا ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو