خيرپور(سجاد علي ڪٻر)اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يوسي ڏيپارجه آفيس تي ڇاپو، گذريل چيئرميني دور جي ٽن سالن جو رڪارڊ هٿيڪو، چيئرمين ۽ سيڪريٽرين خلاف تفصيلي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. تعلقي ٺري ميرواهه جي يونين ڪائونسل ڏيپارجه ۾ لکين روپين جي ڪرپشن وارين شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر ٺري ميرواهه زاهد بشير کوسو جي اڳواڻي ۾ فرسٽ سول جج خيرپور محمد قابل مهر جي نگراني ۾ يونين ڪائونسل ڏيپارجه جي آفيس تي ڇاپو هنيو ان موقعي تي سيڪريٽري ۽ ٻيو عملو فرار ٿي ويو , ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن عملدارن آفيس ۾ موجود گذريل 3 سالن جو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ان موقعي تي سرڪل آفيسر ٻڌايو ته گذريل چيئرميني دور جي 2017 کان 2019 تائين جو ٽن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته هلندڙ سال 2020 جو رڪارڊ آفيس مان غائب هيو جنهن لاءِ آفيس ۾ موجود جونيئر ڪلارڪ ٻڌايو ته اهو رڪارڊ اڳوڻو چيئرمين ۽ موجوده سيڪريٽري پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن جنهن عمل جي وڌيڪ جاچ ڪري سندن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.










