ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز جو ترجمان مقرر ٿيڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نواز شريف سوڌو ليگي اڳواڻن خلاف غداري جو ڪيس عمران سرڪار جي وائڙائپ جو ثبوت آهي، غداري جا ڪيس جمهوريت جي بحالي لاءِ پي ڊي ايم جي تحريڪ کي روڪي نٿا سگهن، حڪمرانن کي سياست ڪرڻي آهي ته سياسي ميدان ۾ اچن، نواز شريف اڳ ئي چئي چڪو آهي ته اهڙن ٽڪساٽن سان خاموش نه ويهنداسين، سياسي ۽ جمهوريت حق استعمال ڪندي حڪومت جي خاتمي تائين جدجهد جاري رکي ويندي. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته 22 ڪروڙ ماڻهن جو ساٿ هوندي نواز شريف کي ڀارتين سان ملاقات ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، هن وزيرن طرفان نواز شريف مٿان ڀارتين سان ملاقات جا لڳايل الزام ڪوڙا قرار ڏنا ۽ چيو ته ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شخص تي بيهودا الزام لڳائڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو اسانجي تحريڪ ادارن خلاف نه پر حڪومت خلاف آهي. ٻئي پاسي مريم اورنگزيب ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته مسلم ليگ (ن) اسپوڪس پرسنز ڪميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محسن رانجها، طلال چوڌري، اعظمي بخاري ۽ عطا الله تارڙ شامل آهن.










