اغوا ڄاڻايل ناري عدالت ۾ پيش، اغوا ناهيان ٿي شادي ڪئي اٿم

اغوا ڄاڻايل ناري عدالت ۾ پيش، اغوا ناهيان ٿي شادي ڪئي اٿم

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد مٽياري مان اغوا ڄاڻايل ناري کي پوليس پاران هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ناري ۽ گرفتار نوجوان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته موسيٰ محلا مان ڏيڏ مهينو اڳ اغوا ڄاڻايل ثمينا ڌيءُ عباس ڳهيلو کي هٿ ڪيو آهي، ناري سان نڪاح ڪندڙ نوجوان کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻنهي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويوآهي، عدالت ۾ بيان ڏيندي ناري ثمينه جو چوڻ هو ته مونکي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مرضي سان ممتاز چاچڙ سان نڪاح ڪيو آهي، مڙس سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو