سکر (بيورو رپورٽ) ايئرپورٽ روڊ تي اڻڄاتل ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٿرمل ڪالوني واسي 18 ورھين جو نوجوان شاھد ولد شھزادو چوھاڻ فوت ٿي ويو. علائقي واسين نوجوان کي زخمي حالت ۾ نجي اسپتال پھچايو جتي ھو فوت ٿي ويو. فوتيءَ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. علائقي واسين موجب نوجوان رڪشا ھلائي پنھنجا خاندان جو پيٽ پاليندو ھو. موٽر سائيڪل تي دوستن سان نڪتل ھو تھ نامعلوم گاڏي ٽڪر ھڻي فرار ٿي وئي. ياد رهي ته گذريل رات آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڪار تي نامعلوم فائرنگ سبب ٽي ايم او اعجاز شيخ مارجي ويو هو ۽ يو سي ايوب گيٽ جو سيڪريٽري زخمي ٿي پيو هو. هو ٽنڊو غلام حيدر جو ٽي ايم او هو ۽ وٽس تلهار جي به اضافي چارج هئي.










