لنڊن (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ صارفين ٻين جي موبائل فون تي موڪليل تصوير يا وڊيوز کي ڊليٽ ڪري سگهندو. واٽس ايپ جي ماهرن ڊبليو اي بيٽا موجب هي فيچر ميسج باڪس جي بالڪل برابر ۾ ڏنو ويندو ۽ صارفين ڪا به پوسٽ موڪلڻ کان اڳ ان جي چونڊ ڪري سگهندو. رپورٽ موجب هن فيچر جي ذريعي تصويرون يا وڊيو موڪلڻ کان اڳ ايڪسپائرنگ ميڊيا جو آپشن چونڊ ڪرڻ ضروري هوندو. جيئن ئي سامهون وارو ان پيغام کي ڏسي وٺندو ته هو پاڻمرادو ڊليٽ ٿي ويندو. واضح رهي ته جيڪڏهن ڪنهن صارف پاڻ خودڪار طريقي سان پنهنجي فون مان ميڊيا کي محفوظ رکڻ جو فيچر چونڊ ڪيو ويندو ته اهو تصويرون ڊليٽ ٿيڻ کان اڳ پيغام وصول ڪندڙ سمارٽ فون ۾ محفوظ ٿي ويندو. اهو فيچر اينڊرائڊ جي ورزن سان گڏ فراهم ڪيو ويندو جيڪو هن وقت تياري جي آخري مرحلي ۾ آهي. برطانوي ويب سائٽ ميل آن لائن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي واٽس ايپ ڪنهن به امڪاني فيچر تي تبصرو ڪرڻ کان معذرت ڪئي آهي. پر ڊبليو اي بيٽا جي موجب واٽس ايپ اهو فيچر گوگل پلي بيٽا پروگرام ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.










