لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن جي ليڊر ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف کي نيب لاهور هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت ختم ٿيڻ بعد گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب کيس پنهنجي لاهور آفيس منتقل ڪيو آهي. بلاول ڀٽو گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اي پي سي بعد عمران خان پريشان آهي حڪومت فور طور اپوزيشن ليڊر کي آزاد ڪري. مني لانڊرنگ ۽ آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس گرفتاري بعد عدالتي احاطي ۾ موجود ڪارڪنن حڪومت ۽ نيب خلاف نعريبازي ڪئي. مريم اورنگزيب ان موقعي تي چيو ته گلگت بلتستان ۾ اليڪشن مهم کان روڪڻ ۽ عمران خان جي تسڪين لاءِ شهباز سريف کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن نيب جاچ مڪمل ڪري ريفرنس داخل ڪري چڪي آهي ته پوءِ گرفتار ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي، هن چيو ته حڪومت انتقام پئي وٺي. هن چيو ته شهباز شريف اڳ ۾ به 70 ڏينهن نيب جي ٽارچر سيل ۾ رهي چڪو آهي اسين گرفتارين کان نٿا ڊڄون، عدالتي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا. مسلم ليگ (ن) ميان نواز شريف جي قيادت ۾ متحد آهي ۽ ڪوڙن ڪيسن جو مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته جنهن قيادت ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو انهن کي گرفتار ڪيو ٿو وڃي.










