سنڌ ۾ 28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان

سنڌ ۾ 28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني صوبي ۾ پري پرائمري، پرائمري ۽ مڊل اسڪولز 28 سيپٽمبر کان کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پريس ڪانفرنس دوران هن ٻڌايو ته سخت ايس او پيز هيٺ اسڪول کوليا ويندا. نجي اسڪولز جي تنظيمن سان سڀاڻي ملاقات ڪري ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ زور ڀريو ويندو، سرڪاري اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ ٽيمن ذريعي ايس او پيز تي عمل ڪرايو ويندو، ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل ادارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، پريس ڪانفرنس دوران سعيد غني چيو ته ٻارن جي سماجي وٿي برقرار رکڻ لاءِ تعليمي ادارن کي اختيار ڏنو آهي ته شفٽن ۾ ڪلاسز هلايا وڃن، اسان اسڪول کولڻ يا ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ ڪوبه زور نه ڀري رهيا آهيون، والدين سمجهن ٿا ته موجوده صورتحال ۾ ٻارن کي اسڪول نٿو موڪلي سگهجي ته اُهي ڀلي پنهنجي ٻارن کي نه موڪلين، تعليمي ادارن ۾ ٻارن جي ٽرانسپورٽ لاءِ به ايس او پيز تيار ڪري ورتيون آهن، والدين ڪوشش ڪن ته ٻارن کي پاڻ اسڪول ڇڏي اچن ۽ واپس وٺي وڃن. تعليم واري صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي ريلي ۾شرڪت نه ڪري سندن سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سندس نظر ۾ نفرت جي ٻولي ڳالهائيندڙ هر شخص الطاف حسين آهي، سندس چوڻ هو ته مڪاني چونڊون ويجهو ايندي ئي متحد وارا لسانيت جي سياست شروع ڪري ڇڏيندا آهن. سندن ڪراچي ريلي بري طرح ناڪام ٿي وئي خالي گاڏين جو جلوس هو، گاڏين ۾ ماڻهو نه هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو