پوليس زيادتين خالف نوناري برادري جو احتجاج

پوليس زيادتين خالف نوناري برادري جو احتجاج

ٺل(ن سنڌيار)نوناري برادري  پاران ميان صاحب پوليس جي زيادتين جي خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو،ايس ايڇ او جي خلاف ڪاروائي جي گهرڪئي وئي. پنج ڏينهن اڳ صديق نوناري جي پل وٽان نوجوان عبدالرسول نوناري کي ميان صاحب پوليس پاران زبردستي کنڀڻ واري عمل ۽ پوليس جي زيادتين جي خلاف نوناري برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي،مظاهرين پاران ميان صاحب پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن رئيس بلاول خان نوناري،رمضان نوناري،صادق نوناري، محمد يعقوب،ڊاڪٽر عبدالله، سانول، قادر بخش ۽ ٻين چيو ته ميان صاحب جي ايس ايڇ او قمرالدين تنيو پاران اسان سان زيادتي ڪندي نوجوان عبدالرسول نوناري کي کنڀي کڻي ويو احتجاج ڪرڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو،پوليس اسان سان زيادتي ڪئي آهي جنهن جو ازالو ٿيڻ گهرجي،هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او قمرالدين تنيو جي خلاف ڪيس داخل ڪندي ڪاروائي ڪئي وڃي،اسين ڪورٽ به وينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو