ڪمزور دل وارا ايڏيون وڏيون ڳالهيون ڪن ٿا، چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ججز کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي  چيو ته ايترا نازڪ دل وارا ايتريون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪيئن ٿا ڪن. جج کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٿي، جوابدار آغا افتخار الدين مرزا عدالت ۾ پيش نه ٿيو، هُن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي موڪل کي ڪورونا ٿي ويو آهي، هُن جي دل جي اوپن هارٽ سرجري ٿيڻي آهي، وڪيل چيو ته افتخار الدين کي معاف ڪيو وڃي، چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ايتري نازڪ دل وارا ايتريون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن، علامه افتخار الدين پيش ٿيندو ته معاملي کي ڏسنداسين، سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته هن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ، نواز شريف ۽ آصف زرداري کي ڏمڪيون ڏنيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو