سعودي حڪومت پاران مرحليوارعمرو ادا ڪرڻ جي اجازت

سعودي حڪومت پاران مرحليوارعمرو ادا ڪرڻ جي اجازت

رياض (ويب ديسڪ) سعودي عرب جي وزارت داخله مرحليوار عمرو ادا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. 4 آڪٽوبر کان پهرين مرحلي ۾ سعودي شهرين ۽ سعودي ۾ رهندڙ  غير وطني مسلمانن کي عمرو ادا ڪرڻ جي اجزت هوندي. 6 هزار ماڻهن کي اها سهولت ملندي. ٻيو مرحلو 18 آڪٽوبر ۽ ٽيون مرحلو پهرين نومبر کان شروع ٿيندو. سعودي حڪومت موجب چوٿين مرحلي ۾ سڀني کي معمول موجب اجازت هوندي جنهن جو اعلان ڪورونا وبا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي بعد ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ سعودي اختيارين عمري تي پابندي هنئي هئي ۽ حج به محدو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو