ڪشمور لڳ پنجاب ۾ دشمني تان 3 ڄڻا قتل

ڪشمور (جي ايم کوسو) پنجاب جي ڪچي جي علائقي سونمياڻي جي ڀرسان جيوڻ موڙ تي تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن موٽرسائيڪل سوار ٽن ڄڻن نورحسن خان. مورخان ۽ شاھنواز خان عمراڻي روجھاڻ کان پنھنجي ڳوٺ سون مياڻي طرف وڃي رھيا ھئا ته مٿن حملو ٿيو. ٽئي ڄڻا مارجي ويا جڏھن واقعي واري ھنڌ پوليس پھچي لاش کڻائي روجھاڻ تعلقه اسپتال منتقل ڪيا ويا ھوڏانھن ايس ايڇ او جميل احمد جو چوڻ آھي ته واقعو عمراڻي مزاري ۽ سکھاڻي مزاري جي وچ۾ ھلندڙ پراڻي دشمني جو نتيجو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو