صدف شرجيل ميمڻ جو نالو اِ سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل انعام ميمڻ جي گهرواري صدف شرجيل جو نالو اِي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جسٽس ڪي ڪي آغا جي بينچ ۾ آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ سندس درخواست جي ٻڌڻي ڪندي حڪم جاري ڪيو. نيب جي وڪيل مخالفت ڪئي جنهن تي عدالت چيو ته هن ڪيس ۾ هوءَ مک جوابدار ناهي ۽ ٻيو ته نيب ايتري عرصي کان ملزمن تي فرد جرم به لاڳو ناهي ٿيو. صدف شرجيل چيو ته هوءَ دبئي ۾ ڪاروبار ڪندي آهي ۽ ان لاءِ کيس پرڏيهه وڃڻو پوي ٿو. عدالت کيس 22 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر تائين پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو