صوفي سنت جيسا رام جي 86 ورسي جي تقريب

بوزدار وڏا (حسين ٽانوري)صوفي سنت جيسا رام جي 86 ورسي منقعد ڪئي وئي جنهن تي چادر درگاھ جي گادي نشين صوفي خيرو ساڌ ۽ درگاھ صوفي نصير فقير جلالاڻي جي گادي نشين فقير اوشاق علي صوفي القادري چاڙهي، مهمان خاص فقير اوشاق علي صوفي القادري، فقير شمس الدين صوفي القادري سميت شهر جي معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي، ورسي ۾ سنڌ، پنجاب جي ٽي وي ريڊيو جي مشهور فنڪارن سيد ارشاد علي شاھ، ننڍو ڀاڳچند، اياز علي ۽ اعجاز خاصخيلي، مهدي شاھ سميت ڪيترن ئي نالي وارن فنڪارن صوفي ڪلام ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا درگاھ جي گادي نشين صوفي خيرو ساڌ، درگاھ نصير فقير جلالاڻي جي گادي نشين فقير اوشاق علي صوفي قادري، نند لعل، پريم راٺوڙ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صوفي سنت جيسا رام هڪ وڏو صوفي ازم رکندڙ شخصيت هيو، هر فرقي سان محبت رکندڙ هيو سندس هر ورسي تي صرف ديوان برادري نه بلڪه مسلمان به وڏي اڪثريت سان شرڪت ڪندا آهن ڇو جو صوفي جيسا رام جو پيغام آهي ت پيار محبت ڀائچاري سان رهو، هر سال ورسي جي موقعي بوزدار وڏا شهرين جو ڀرپور تعاون رهيو آهي گادي نشين وڌيڪ چيو ته ورسي دوران ڀندارو (لنگر) به سڄي رات هلندو آهي جئين ڪو به آيل مهمان خالي پيٽ گهر واپس نه وڃي چاهي اهو مهمان ديوان هجي يا مسلمان سڀني کي برابر سمجهي ڀندارو (لنگر) تقسيم ڪيو ويندو آهي گادي نشين خيرو ساڌ پنجاب سنڌ سميت سڀني آيل مهمانن جو شڪريه ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو