غوث علي شاهه تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو الزام

خيرپور (سجادعلي ڪٻر)ڳاڙهي موري جي رهواسي محمدنواز مهيسر،جسقم اڳواڻ امجد مهيسر،معظم جتوئي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه پاران پوليس جي مدد سان بنا جواز حراسا ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته سيد غوث علي شاهه جي پٽن ۽ پوٽن ۾ ملڪيت تان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ڪري ڪجهه شر پسند ماڻهن جي شرارت تي اسان کي مختلف طريقن سان  تنگ ڪيو پيو وڃي، محمد نواز مهيسر چيو ته خيرپور پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ مونکي غوث علي شاهه جي چوڻ تي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي رکي تشدد جو نشانو بڻائي بناجواز حراسان ڪيو ،جنهن بعد براديءَ جي مدد سان آزاد ٿي گهر آيو آهيان، پر تنهن هوندي به غوث علي شاهه پاران مونکي قتل ڪرائڻ،سخت نتيجا ڀوڳڻ ،ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن ڪري خاندان سميت سخت پريشان آهيان،ان موقعي تي امجد مهيسر چيو ته ظلم ۽ ڏاڍ ڪنهن به صورت برداشت نه ڪنداسين بناجواز ظلم خلاف جسقم سخت مذمت ڪري ٿي، جيڪڏهن ظلم ۽ جبر بند نه ڪيو ويو ته حق لاءِ روڊ رستن ۽ ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو