رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هڪ فوت 2 زخمي

ٽنڊوغلام حيدر( ميرحسن رند ) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان مويا شھر ۾  رند برادري جي ٻن ڌرين ۾  هلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ڪهاڙيون لٺيون لڳڻ سبب ٽي ڄڻا اعجاز رند؛  علي ميررند؛ عبدالرسول رند؛ سخت زخمي ٿي پيا  زخمين کي مويا پوليس ٽنڊو غلام حيدر پهچايو جتان فسٽ ايڊ ملڻ بعد ٽئي زخمين  کي سول اسپتال حيدرآباد منتعقل  ڪيو ويو جن مان هڪ ڄڻو    زخمي ٿيل  22 سالا نوجوان علي مير رند ولد اعجاز رند زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاء ٽنڊو غلام حيدر آندو يو  جتي ضروري ڪاروائي کان پوء لاش وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل ناهي ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو