پير وسڻ ۾ حادثي ۾ هڪ فوت، مختلف ڳوٺن مان 3چوريون

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)مھراڻ نيشنل ھاءِ وي روڊ تي ڪورڪي اسٽاپ وٽ مزدا ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾  زوردار ٽڪر  ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مزدا ڊرائيور  ٿڏي تي فوت ٿي ويو جنھن جي سڃاڻپ محفوظ کِچي طور تي ٿي جيڪو پنجاب جي شھر خانيوال جو آهي.

Photo Sindhyar

اطلاع تي پيروسڻ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ۽ حادثي جو شڪار ٿيل گاڏين کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي جاچ ڪري پئي. ٻئي پاسي پيروسڻ ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪي پئي ھڪ ئي رات ۾ پيروسڻ ٿاڻي جي حد ۾ ٽن چورين جو الڳ الڳ وارداتون،ڳوٺ ڪرم خان لاشاري مان نامعلوم چور قاسم لاشاري جي گھر مان 3 لک ڪيش سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻھاري فرار جڏھن ته ڳوٺ مکڻ خان لاشاري مان چور مست علي لاشاري جي گھر جي ديوار ٽپي گھريلو سامان کڻي آساني سان فرار ٿي ويا،ٻئي طرف نامعلوم چور ڳوٺ لونگ ملاح مان ذوالفقار ملاح جي گھر مان به ھزارين روپيا ڪيش ۽ گھر ۾ پيل قيمتي سامان ٻھاري فرار ٿي ويا جڏھن ته پوليس چورن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو