عدالت پاران پي ٽي وي جي چيئرمين جي مقرري غير قانوني قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي چيئرمين ارشد خان جي مقرري ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته کيس ڪنهن به عهدي تي مقرر نه ڪيو وڃي. پي ٽي وي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل آزاد ڊائريڪٽرز جي مقرري به غيرقانوني قرار، جسٽس محسن اختر ڪياني پي ٽي وي ۾ غيرقانوني مقررين خلاف درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، پي ٽي وي ۾ چيف نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز قطرينه حسين جي مقرري قانوني قرار ڏني وئي آهي.عدالت چيو آهي ته بورڊ اف ڊائريڪٽرز جي فيصلن کي تحفظ حاصل هوندو. عدالت ايم ڊي عامر منظور جي تقرري قانوني قرار ڏيندي سندس خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو