مقامي طور موبائل فون سيٽ تيار ڪرڻ جي پاليسي جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي يعني پي ٽي اي ملڪ ۾ موبائل فون مينيوفيڪچرنگ پاليسي هيٺ مسودو جاري ڪيو آهي ۽ ان تي اسٽيڪ هولڊرز کان تجويزون طلب ڪيون آهن. جاري ڪيل مجوزه پاليسي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيڙپڪاري ڪندڙ غير ملڪي ڪمپني هڪ سال اندر آءِ ايس او 9001 حاصل ڪرن لازم هوندو،  ٽن سالن م هينڊ فون سيٽ ٺاهڻ واري ٽيڪنالوجي منتقل ڪرڻ پوندي ۽ هي پاليسي 10 سالن تائين قابل عمل هوندي. ڪشمير ۽ گلگت تي لاڳو نه ٿيندي.لائسنس فيس جي درخواست سان 5 هزار ڊالر ۽ لائسنس ملڻ بعد 50 هزار ڊالر ڏيڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو