نقلي زرعي دوائن سبب ڦٽين جو فصل تباهه، خرچ ڳچي ۾!

جروار(رپورٽ محمد بخش گبول) مسلسل بارشن ۽ غيرمعياري زرعي دوائن سبب جروار ،يارو لنڊ ،ڳڙھي چاڪر سميت گھوٽڪي ضلعي ۾ اڍائي لک ايڪڙن تي بيٺل وونڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ، آبادگارن کي خرچ ڳچي ۾ پئجي ويا. ضلعي ۾ ٻجن ۽ دوائن جي چڪاس جو جوڳو بندوبست نه ھجڻ ۽ زراعت کاتي جي عملدارن جي  رشوت خوريءَ  سبب ضلعي م سوين جعلي زرعي ڪمپنيون کلي ويون ، تازين بارشن بعد وونئڻن جي فصل تي اڇي مک ۽ آمريڪن سنڊي سميت مختلف جيتن جو حملي سميت ، فصل کي ڪيتريون  بيماريون وڪوڙي ويون آھن پر نقلي ، زرعي دوائون بي اثر آھن. ذريعن موجب زرعي دوائن جا ڊيلر زراعت کاتي جي عملدارن کي ڳريون منٿيلون ڏين ٿا، جنهن ڪري سندن دوا ليبارٽري نه ٿي اماڻي وڃي. رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر نظام الد ين ڪلوڙ ٻڌايو ته  غير معياري دوائون ٻج ۽ ڀاڻ ھلائيندڙن خلاف ڪارروائين لاءِ ضلعي ۾ 6 ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ڪيترائي فيلڊ آفيسر ڪم ڪن پيا ۽ غير معياري دوائون ھلائيندڙ ڪيترين ئي ڊيلرن تي ڪيس پڻ داخل ڪيا آھن  ۽ مستقبل ۾ پڻ اھڙيون ڪاروائيون جاري رکيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو