شاگردياڻي اسڪول جي ڏاڪڻ تان ڪري فوت، غفلت جو الزام

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) نجي اسڪول ۾ شاگردياڻي ڏاڪڻ تان ڪري فوت ٿي وئي، ڪراچي جي علائقي عائشه منزل ۾ واقع نجي اسڪول ۾ نائين جماعت جي شاگردياڻي اريبا ڏاڪڻين تان ڪري فوت ٿي وئي، شروعات اطلاعن موجب واقعو فيڊرل بي ايريا ۾ قائم نجي اسڪول هيپي پيليس ڪيمپس 3 ۾ پيش آيو، شاگردياڻي جي لاش کي ضروري ڪارروائي جي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي جي عمر 15 سال هئي، هو نائين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، حادثي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. والدين اسڪول انتظاميه ته غفلت جو الزام حنندي چيو آهي ته اسانکي اطلاع به نه ڏنو ويو ۽ اسپتال دير سان پهچايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو