مضاربه ڪيس ۾ مفتي فرعون بڻيل هئا، هاڻي جيل ۾ هن، نيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ هڪ مفروضو آهي، هڪ سياستدان مناظري جو چئلينج ڪندي چيو هو ته نيب پنهنجي نڪ تان مک به نٿو اڏائي سگهي، اسان چئون ٿا ته نيب پنهنجي نڪ تي مک ويهڻ جي به اجازت ناهي ڏيندو، نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نيب کي ڪنهن به قسم جي ڇوٽ حاصل نه آهي، سڀني جي عزت نفس جو خيال رکڻو پوي ٿو، ايئن ناهي ته ڪو بي گناهه هجي ۽ سندس خلاف ڪيس يا ريفرنس ٺاهيو وڃي، احتساب جو هڪطرفو نظام اُنهن کي نظر ايندو آهي، جِن کي اکين تي پٽيون ٻڌل هجن. هر ڪيس تي سمورن رُخن جو جائزو وٺڻ بعد ميرٽ جي بُنياد تي فيصلو ڪيو ويندو آهي، افسوس آهي جو جن ماڻهن نيب جو قانون ناهي پڙهيو، اُهي به تنقيد ڪن ٿا، نيب فيس نه ڪيس ڏسندو آهي، هن ٻڌايو ته نيب ناڪام ادارو هجي ها ته 364 ارب ڪيئن وصول ٿين ها، هن وقت مجموعي طور 1200 ارب رپين جا ريفرنس عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن. هن چيو ته نيب جي تاريخ ۾ مضاربه ڪيس مشڪل ترين ڪيس هو پر خدا جو شڪر آهي ته ان ڪيس ۾ مفتين کي سخت سزا سان گڏ 10 ارب روپين جو ڏنڊ به وڌو ويو ۽ هو جيلن ۾ آهن. مفتين جو رويو فرعونن وارو هو ۽ خدا کانئن انتقام ورتو. سپريم ڪورٽ جي ججن پاران ڌنل فيصلن بابت هن چيو ته چيف جسٽس جا ڪجهه فيصلا اسان لاءِ هدايت ۽ اصلاح جو سبب بڻيا، 1990 کان جيڪي رولز نه ٺهيا هئا اهي ٺاهي اڳ۾ صدر ۽ هاڻي وزيراعظم کي موڪليا آهن. هن چيو ته مونکي عهدي ۾ واڌ نه گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو