آمريڪا ۾ 5 لک کان مٿي ٻار ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ 5 لک کن مٿي ٻار ڪورونا وائرس م مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ گذريل ٻن هفتن سندن انگ 16 سيڪڙو يعني 70630 ٻارڙا وائرس م مبتلا ٿيا. آمريڪن اڪيڊمي آف پيڊيٽرڪس جي رپورٽ موجب 49 رياستن مان گڏ ڪيل ڊيٽا موجب هن وقت تائين ڪل آمريڪا جي وائرس متاثرن جو 8.9 سيڪڙو ٻار آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن جو اميون سسٽم مضبوط هئڻ ڪري ڪو به ٻار فوت ناهي ٿيو. ان جي باوجود به ڊاڪٽر سارا گوزا جو چوڻ آهي ته ايڏي وڏي تعداد م ٻارن جو وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ وائرس کي خطرو سمجهي اسان کي احتياط ڪرڻو پوندو

پهنجو تبصرو موڪليو