ڊاڪٽر ماها جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم جي اجازت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊاڪٽر ماها شاهه جي آپگهات واري ڪيس ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت قبرڪشائي واري درخواست منظور ڪري ڇڏي آهي. عدالت پوسٽ مارٽم بابت درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ڊاڪٽر ماها شاهه جي قبرڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم جي درخواست منظوري ڪري ورتي، تحريري حڪم نامي ۾چيو ويو آهي ته عدالت کي قبرڪشائي تي ڪو به اعتراض ناهي، قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالت انويسٽيگيشن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو