نواز جي درخواست جي نيب ۽ حڪومت پاران مخالفت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب ۽ وفاقي حڪومت العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف جو ڪنهن به اسپتال ۾ علاج نه پيو هلي، هو پاڪستان جو سفر ڪرڻ لاءِ فِٽ آهي، ٻڌڻي دوران عدالت پڇيو ته نواز شريف پرڏيهه ويو، ان کانپوءِ حڪومت سندس علاج جي صديق ڪئي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسان ڪابه تصديق ناهي ڪئي، ڇاڪاڻ جو نواز شريف جو علاج ئي ناهي ٿيو، جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته نواز شريف کي هاڻي هڪ عدالت اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي، احتساب عدالت جي فيصلي جو نواز شريف جي درخواست تي ڪهڙو اثر پوندو؟ اشتهاري قرار ڏيڻ بعد ڇا نواز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪري سگهون ٿا؟ نيب جي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته اشتهاري ڏوهاري جو قانون اڳيان سرينڊر ڪرڻ ضروري آهي، نواز شريف جي اپيلن تي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته نواز شريف پنهنجي درخواست ۾ چيو هو ته هن جو علاج هلندڙ آهي ۽ ٺيڪ ٿيڻ بعد وطن ايندو، سندس غير موجودگي ۾ داخل اپيل جي ٻڌڻي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو