مهر برادري جا 2 سردار، مبارڪباد ۽ سوشل ميڊيا تي بحث جاري

خانپور مهر(رپورٽ:آفتاب سيال) خانڳڙھ جي مهر سردارن ۾ پڳ معاملي تان تڪرار برقرار، سردار علي گوهر خان مهر جي چيف سرداري جي پڳ پائڻ کان پوءِ کيس مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ خليل احمد گبول، عبدالرزاق خان گبول، پپو خان چاچڙ سميت مهر گروپ جي مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهو گوهر پيلس تي پهچي سردار علي گوهر خان مهر کي پڳ پائڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ هار پارايا.

Photo Sindhyar

هوڏانهن پڳ واري معاملي تي تڪرار تيز ٿي ويو آهي ۽ پهريون ڀيرو مهر برادري جا هڪ وقت ٻه سردار ٿي ويا آهن .

اڌ رات جو پڳ ٻڌڻ جي رسم ادا ڪئي وئي

سوشل ميڊيا تي سردار پڳ واري معاملو بحث جو موضوع بڻيل آهي. گوهر پئلس تان جاري ڪيل تصويرن بابت جڏهن پڇو ته مبارڪ ڏيندڙ ڪير آهن ته سندن نوڪرن ٻڌايو ته آهن مشهور ماڻهو پر هو کين نٿا سڄاڻن. سردار محمد بخش خان مھر جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي مختلف علائقن ۽شهرن مان سندس حامي ويڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪن پيا. مهر برادري جا ڪيترائي ماڻهو محمد بخش خان مهر کي سردار طور تسليم ڪرڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. سردار محمد بخش مهر پنهنجي ذاتي ڪم سبب ڪراچي ويل آهي ۽جڏهن ته سندس ڀاءُ بنگل خان مهر جي صوبائي وزير سيد ناصر شاھ جي امڙ جي جنازي نماز ۽ اتي وڃڻ جا سردار علي گوهر مهر ۽ علي نواز عرف راجا مهر سان گڏ ورتل تصوير به سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي. ڄاڻايل تصويرون اڄ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وڃڻ بعد وڏي انگ ۾ ماڻهو پاران شيئر ڪيو ويون آهن اهي تصويرون جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته مهر سردار هڪ آهن اهي تصويرون مخالف لاءِ هڪ سبق آهي. هوڏانهن علي گوهر خان مهر پاران پڳ ٻڌڻ بعد محمد بخش خان مهر پاران پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لاءِ وڏي جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۽ پنجاب جي سردارن ۽ مهر برادري سميت مختلف علائقن جي ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي ۽ اهڙو جلسو خانڳڙھ جي کليل ميدان تي ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ ذريعن موجب ان جلسي جي ڪاميابي ڪرڻ لاءِ دعوت نامو ڏيڻ لاءِ مهر هائوس تي لسٽون پڻ تيار ڪيون پيون وڃن ۽ ڄاڻايل جلسي جي حوالي سان سردار محمد بخش مهر ڪراچي کان واپس اچڻ تي تاريخ جو اعلان ڪندو. هوڏانهن ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ٿيڻ کي 4 ڏينهن مڪمل ٿيڻ بعد بدستور خانڳڙھ ۽خانپورمهر. گهوٽڪي جا رستا سيل ٿيل آهن ۽روڊن تي ڪنٽينر رکي سيل ڪيو ويو آهي جنهن ڪري عام ماڻهن سخت پريشان آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو