ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي تي مسلم آباد جي رهائشي درخواست ڏني آهي ته سندس 2 گهريلو ملازمائون سندس گهر مان ڪروڙين روپين جي چوري ڪري ويون آهن. درخواست موجب هن 3 سيپٽمبر تي 2 ملازمائن کي ڪم لاءِ رکيو ۽ کانئن شناختي ڪارڊ جي ڪاپي گهري ته هنن نٽايو پئي. گذريل ڏينهن هڪ ملازمه منهنجي والده کي ڳالهين ۾ الجهايو ۽ ٻئي لاڪر مان 210 تولا سون، ڊالر، نقدي ۽ پرائيز بانڊ چورائي ورتا. ٻنهي عورتن جا چهرا سي سي ٽي وي ڪيمرا ۾ صاف نظر اچن پيا. پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ ڪري رهي آهي.










