شيخ ڀرڪيو جي بهليم برادري جو احتجاج، واهر ڪريو

شيخ ڀرڪيو جي بهليم برادري جو احتجاج، واهر ڪريو

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)شيخ ڀرڪيو برسات متاثرين جي واهر نه ٿي ڳوٺ صاحب خان پتافي جي بهليم پاڙي  واسين عورتن مردن جو ٻارڙن سان گڏ مظاهرو  احتجاج ڪندي عارب بهليم ,قادر بهليم, ساجن بهليم, مسمات راڻي, مسمات گل بانو ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته برسات سبب اسان جا ڏھ کان مٿي  ڪکاوان گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن  جنهنڪري اسان کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون اسان کي حڪومت طرفان ٽينٽ ناهن مليا, هنن چيو ته برسات سبب روزگار بند ٿيڻ ڪري اسان  وٽ کاڌ خوراڪ جو سامان به ختم ٿي ويو آهي اسان جا ٻچا بک تي ويٺل آهن ,برسات سبب ننڍن ٻارن ۾ خارش, پيچس ۽ بخار سبب ٻار به بيمارآهن اسان وٽ پئسا به ناهن علاج ڪرايون, هنن چيو ته هن مهل چونڊيل نمائندن يا انتظاميه مان ڪنهن به اسان جي سار ناهي لڌي هنن ڊي سي ٽنڊومحمدخان ياسر ڀٽي,ايم اين اي نويد قمر,ايم پي اي اعجاز شاھ  کان مطالبو ڪيوآهي  سندن  مدد ڪئي وڃي,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو