اعليٰ نسل جي 6 هزار جانورن ۽ 42 ملازمن سميت جهاز غرق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ کان 6 هزار جانور کڻي چين ويندڙ سامونڊي جهاز چين جي اوڀر ۽ جاپان جي ڏکڻ ۾ طوفان سبب ٻڏي ويو. جنهن ۾ سڀ جانور ۽ عملي جا 42 ماڻهو ٻڏي ويا رڳو هڪ کي بچايو ويو. جهاز ۾ آسٽريلين ڳئون هيون ۽ هرهڪ ڳئون جي ماليت 20هزار چيني يوآن يعني 4لک 84 هزار روپيا آهي. جهاز جو مالڪ عمان جو آهي ۽ ٻڏي ويل 42 ملازمن مان آسٽريلص ۽ نيوزيلينڊ جا ٽي ٽي شهري ۽ باقي سڀ فلپائني شهري هئا. چين ڊيري فارمز لاءِ 46 هزار اعليٰ نسل جا جانور گهرائي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو