سينٿيا رچي کي 15 ڏينهن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت آمريڪي عورت سنٿيارچي کي 15 ڏينهن ۾ پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، گهرو وزارت سنٿيارچي جي ويزا ۾ واڌ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، وفاقي گهرو کاتي جي اختيارين چيو آهي ته سنٿيارچي کي 15 ڏينهن ۾ پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، هُن 31 آگسٽ تي ويزا جو مدو ختم ٿيڻ بعد ويزا ۾ واڌ لاءِ درخواست ڏني هئي، جنهن کي رد ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته پي پي اڳواڻ رحمان ملڪ جنهن تي هن ريپ جو الزام هنيو هو تنهن سندس خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو هو جنهن تي عدالت گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي فيصلو ڪرڻ لاءِ چيو هو. سينٿيا رچي شهيد محترمه بينظير ڀٽو تي به الزام هنيا هئا. آءِ ايس پي آر چيو هو سينٿيا هنن لاءِ به ڪم ڪندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو